Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن خداوند جي چونڊيل زمين خوبصورت ۽ شاندار ٿي پوندي ۽ بني اسرائيل مان جيڪي بچي ويل هوندا تن لاءِ انهيءَ جو ڦل لذيذ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 4:2
40 Iomraidhean Croise  

زمين پنهنجي پيداوار وڌائي ڏني آهي. هائو، اسان جي خدا اسان کي برڪت عطا ڪئي آهي.


شال ملڪ ۾ جھجھو اناج ٿئي، جيڪو جبلن جي چوٽيءَ تائين پيو جھولي! شال انهيءَ جا فصل اهڙا گھاٽا ٿين، جهڙا لبناني جابلو علائقي جا ٻيلا آهن! شال انهيءَ جي شهرن جي آبادي ائين وڌي، جيئن ڌرتيءَ جو گاهہ وڌي ٿو!


تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي خاص پوشاڪ ٺهرائج.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.


جيئن آسمان مان برسات ٿي وسي، تيئن آءٌ فتح جو مينهن وسائيندس. جيئن مينهن پوڻ بعد زمين مان سلا ڦٽي نڪرندا آهن، تيئن آءٌ خورس جي هٿان انصاف ۽ سچائيءَ جو ڦل اڀاريندس. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان.“


پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.


بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو، سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو، تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


انهن ڏينهن ۾ آءٌ دائود جي نسل مان هڪڙو سچار بادشاهہ پيدا ڪندس، جيڪو هر هنڌ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


اوهان مان ڪوبہ نہ بچندو جيڪو مصر کان موٽي اچي يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي، جتي رهڻ جا اوهين خواهشمند آهيو. اوهان ڀاڄوڪڙن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽندو.“


البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.


آءٌ سندن ٻنين ۾ تمام جھجھا فصل اپائيندس، تنهنڪري هو وري ڪڏهن بہ ڏڪار سبب نہ مرندا ۽ نہ وري غير قومن جا ڪي طعنا سهندا.


پر اي بني اسرائيل جا جبلؤ! اوهان جا سڪل وڻ وري ساوا ٿيندا ۽ ميوو جھليندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اوهان جي وڻن جو ميوو کائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي جلد ئي پنهنجي وطن ورڻ وارا آهن.


تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.


پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“


انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.


پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan