Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 39:6 - Muslim Sindhi Bible

6 يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ ڇڏيو نہ ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 39:6
11 Iomraidhean Croise  

سو جيئن خداوند اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تيئن نبوڪدنضر خداوند جي هيڪل مان ۽ شاهي محل مان سڀ خزانا ميڙي سيڙي کڻائي ويو ۽ سون جون اهي شيون بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون جيڪي اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون.


نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


خدا جي گھر جا سڀ ٿانوَ، وڏا توڙي ننڍا، ان جا خزانا ۽ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا خزانا، اهي سڀ جو سڀ هو بابل ڏانهن کڻائي ويو.


هن شهر جي سڄي دولت، ان ۾ تيار ٿيندڙ هر شيءِ، ان جون سڀ قيمتي شيون ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا پڻ آءٌ سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو انهن شين کي لٽ جي مال جيان هٿ ڪري بابل ڏانهن کڻي ويندا.


اهي تنهنجا ڪپڙا لاهي ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي تو کي اگھاڙو ڪري ڇڏيندا.


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل جي داروغي اسپنز کي حڪم ڏنو تہ ”پڪڙي آندل بني اسرائيل منجھان سندن شاهي نسل ۽ اميرن جا ڪي نوجوان وڃي چونڊي ڪڍ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan