Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 38:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 38:3
40 Iomraidhean Croise  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


جيتوڻيڪ آسا غير معبودن جا سڀ پوڄا گھر نہ ڊهرايا، تنهن هوندي بہ هن جي دل سڄي عمر خداوند سان پوريءَ طرح لڳل رهي.


انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


منهنجي پٽ سليمان کي دلي چاهہ عطا ڪر تہ هو تنهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪري ۽ انهيءَ هيڪل کي مڪمل ڪري جنهن جي لاءِ مون پوري تياري ڪئي آهي.“


تڏهن پنهنجي اڳواڻن جي رضامنديءَ سان نذرانا ڏيڻ تي ماڻهن خوشيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي پوريءَ دل ۽ رضا خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ ڏنو. دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بي‌عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“


هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، پر هن اهي سڀ ڪم بي‌دليءَ سان ڪيا.


جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا.


جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ويهي روئڻ لڳس. ڪيترائي ڏينهن آءٌ روئندو رڙندو رهيس ۽ ڪجھہ بہ کاڌم پيتم ڪونہ. مون خداوند، عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري تہ


اي منهنجا خدا! انهيءَ ڳالهہ ڪارڻ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي ڪم مون وفاداريءَ سان تو پنهنجي خدا جي گھر ۽ ان جي خدمتن لاءِ ڪيا آهن سي ميٽي نہ ڇڏج.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.


تنهنڪري اي منهنجا خدا! جيڪي ڪجھہ مون هن قوم لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي ڪري مون کي پنهنجي مهر سان ياد رکج.


آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس.


تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.


شل منهنجي دل پوريءَ طرح تنهنجي قانونن کي مڃيندي رهي! تان‌تہ مون کي ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ٿئي.


آءٌ هميشہ تو کي ئي پنهنجي آڏو رکان ٿو. جيئن تہ تون مون سان گڏ آهين، سو مون کي ڪو لوڏو ڪونہ ايندو.


تو خداوند جي لافاني شفقت منهنجي اکين اڳيان آهي. آءٌ تنهنجي سچائيءَ واري راهہ تي هلندو رهيو آهيان.


اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي بدڪاري خداوند ليکي ۾ نہ ٿو آڻي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جي دل ۾ ڪا ئي ٺڳي ڪانهي.


آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.


اي سمورا بدڪارؤ! اوهين مون کان ڀڄي پري ٿيو، ڇوجو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي ورتو آهي.


تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڦيري ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ


تڏهن خداوند يسعياہ کي حڪم ڏنو تہ


هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو، ۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو. پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي. تنهن هوندي بہ مون خداوند بيت‌ايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو.


جڏهن عيسيٰ نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تنهن ۾ وڃي مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan