2 تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڦيري ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ
2 تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڦيرائي خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.
آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل جڏهن بہ هن هيڪل ڏانهن منهن ڪري دعا گھرون، تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم ۾ اها ٻڌي اسان جا گناهہ معاف ڪج.
اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“
جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.
انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪو ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“
”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.
پر جڏهن اوهين دعا گھرو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو.