Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 36:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوڏهين سال، اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ مٿن قبضو ڪري ورتائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 36:1
11 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوڏهين سال، اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ مٿن قبضو ڪري ورتائين.


پوءِ بہ اشور جي شهنشاهہ پنهنجي سپهہ‌سالار اعليٰ، امير اعليٰ ۽ عملدار اعليٰ کي لڪيس شهر مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو روانا ٿي يروشلم شهر وٽ آيا. جڏهن هو اتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


هن يهوداہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ يروشلم تائين اچي پهتو.


جيڪي ڪجھہ حزقياہ بادشاهہ ايمانداريءَ سان ڪري چڪو هو، تنهن کان پوءِ اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو. هن ڪوٽن وارن شهرن کي گھيري هيٺ آندو تہ جيئن مٿن قبضو ڪري.


تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.


انهيءَ ڏينهن پروردگار فرات نديءَ جي اوڀر طرف کان يعني اشور ملڪ جي شهنشاهہ کي هڪ حجم جي صورت ۾ آڻي حاضر ڪندو، جيڪو اوهان کي پڪڙي اوهان جي مٿي ۽ ٽنگن جا وار ڪوڙيندو، بلڪ ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندو.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan