Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 34:6 - Muslim Sindhi Bible

6 مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربان‌گاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 خداوند جي ترار رت سان ڀريل آهي، اها سڻڀ سان، گهيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان، ۽ گهٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪيل آهي: ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ بصراہ ۾ هڪڙي قرباني، ۽ ادوم ۾ وڏو قتلام آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 34:6
25 Iomraidhean Croise  

ڪڏهن تہ يونتن جي ڪمان مان نڪتل تير ۽ سائول جي تلوار زورآور دشمنن جي رت ۽ چرٻيءَ کان سواءِ خالي نہ ٿي موٽيا.


بلع جي وفات کان پوءِ بُصراہ جو رهاڪو يوباب ولد زارح بادشاهہ ٿيو.


اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“


پر ان کان پوءِ آءٌ انهيءَ شهر تي اهڙي مصيبت آڻيندس، جو اهو حقيقي قربان‌گاهہ بڻجي ويندو. هائو، اهو شهر، جنهن کي منهنجي قربان‌گاهہ سڏيو وڃي ٿو، سو رت سان ڀرجي ويندو، ۽ اتي روڄ راڙو پئجي ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون پنهنجي تلوار کي آسمان ۾ تيار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اها ادوم تي اچي ڪڙڪندي، جنهن جي رهاڪن لاءِ مون تباهي مقرر ڪئي آهي.


اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“


خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.


آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ ادوم جو گاديءَ وارو شهر بُصراہ برباد ٿيندو ۽ عبرت، ملامت، ويرانيءَ ۽ لعنت جو سبب بڻبو ۽ ان جي آس‌پاس وارا سڀيئي ڳوٺ هميشہ لاءِ ويران ٿي ويندا.“


ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟ ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟ ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟


ان جي سڀني جوڌن جوانن کي ڏاندن جيان ڪهي ڇڏيو. ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ انهن جي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.“


هائو، ان حالت ۾ آءٌ هنن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ڪوس گھر ڏانهن وٺي ايندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اها تلوار انهيءَ لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ وڏو ڪوس ڪري. اها انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر چمڪي. پوءِ منهنجي پٽ يهوداہ جي شاهي لٺ ۾ ڪابہ خوشي نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ تلوار اهڙي هر ڪنهن لٺ کي حقير ٿي سمجھي.


اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


آءٌ اوهان جي جابلو علائقي کي قتل ٿي ويلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان جي ٽڪرين، ماٿرين ۽ سڀني نهرن ۾ تلوار سان ڪٺلن کي ڪيرائي وجھندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.


خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.


هن کين ڳئن جو مکڻ توڙي رڍن ٻڪرين جو جھجھو کير پيئاريو، ۽ ٿلها متارا ڍور ڍڳا توڙي ٻڪر گھٽا پڻ کارايائين. هن ڪڻڪ جي عمدي ميدي ۽ خالص مئي سان کين ڍءُ ڪرايو.


جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس، ۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس، تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس، ۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan