Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 34:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهو ملڪ رڳو بازن ۽ ڄاهن جي حوالي ٿي ويندو، جتي رڳو چٻرن ۽ ڪانوَن جا آکيرا هوندا. خدا انهيءَ ملڪ کي بلڪل کنڊر بڻائي ڇڏيندو. هائو، اتي رڳو پٿرن جا ڍير نظر ايندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پر پيڻ پکي ۽ سيڙهہ انهي جون مالڪ ٿينديون؛ چٻرو ۽ ڪانگ انهيءَ ۾ رهندا: اهو انهيءَ جي مٿان مونجهاري جي ڏور ڇڪيندو، ۽ ويرانيءَ جو شاهل رکندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 34:11
14 Iomraidhean Croise  

هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


آءٌ يروشلم کي سامريہ جهڙي سزا ڏيندس. هائو، اهڙي سزا ڏيندوسانس جهڙي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ۽ سندس اولاد کي ڏني هئم. آءٌ يروشلم کي ائين اُگھي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو ٿالهي اُگھي اونڌي ڪري رکي ڇڏيندو آهي.


آءٌ بيابان جي ڳجھہ وانگر بڻجي ويو آهيان. آءٌ ويران هنڌن جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان.


آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


شهر ويران ۽ ناس ٿي ويندا، سڀ گھر مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويندا، تان‌تہ انهن ۾ ڪوبہ داخل ٿي نہ سگھي.


اهو خداوند ئي آهي، جنهن انهن زندہ مخلوقات کي علائقا ورهائي ڏنا آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس حصو عطا ڪيو اٿس. اهي پيڙهي بہ پيڙهي اتي رهندا، ۽ اهو علائقو هميشہ جي لاءِ انهن جو رهندو.


خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي، جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون.


خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”شاهل.“ تڏهن پروردگار فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ اسرائيل ملڪ واري پنهنجي قوم مٿان شاهل لڙڪايان ٿو. پوءِ منجھن ڏنگائي ڏسي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.


نينوہ هر قسم جي چوپائي مال، ۽ جھنگلي جانورن جي جوءِ ٿيندو. ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي ڳِجھون ۽ چٻرا اچي آکيرا ٺاهيندا. درين مان انهن جو آواز پيو گونجندو، ۽ چانئٺن تي ڪانوَ اچي ڪانگيرا ڪندا. عمارتن جو اندريون ديال وارو ڪاٺ ڪڍي کنيو ويندو.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan