Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 34:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهو رات ڏينهن ٽهڪندو رهندو، جنهن جو دونهون زماني جي آخر تائين پيو اٿندو رهندو. ادوم جو ملڪ پيڙهي بہ پيڙهي ويران رهندو، ۽ انهيءَ مان وري ڪوبہ سفر نہ ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 اها نہ رات جو وسامندي نہ ڏينهن جو؛ انهيءَ جو دونهون هميشہ مٿي پيو چڙهندو: اها پيڙهي بہ پيڙهي ويران پيئي هوندي؛ هميشہ تائين انهيءَ مان ڪوبہ ڪونہ لنگهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 34:10
15 Iomraidhean Croise  

اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


اهو خداوند ئي آهي، جنهن انهن زندہ مخلوقات کي علائقا ورهائي ڏنا آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس حصو عطا ڪيو اٿس. اهي پيڙهي بہ پيڙهي اتي رهندا، ۽ اهو علائقو هميشہ جي لاءِ انهن جو رهندو.


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


جهڙيءَ طرح سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس وارن شهرن کي تباهہ ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح ئي ادوم سان بہ ٿيندو ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


چاليهن سالن تائين انهيءَ علائقي ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو، بلڪ اتان ڪوبہ انسان توڙي حيوان ڪونہ لنگھندو.


هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.


اهي هن شهر جي سڙڻ جو دونهون ڏسي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”ڇا ڪڏهن ڪو هن جهڙو وڏو شهر هو؟“


انهيءَ وڏي ميڙ وري ٻيو دفعو چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڏسو، انهيءَ وڏي شهر بابل جو دونهون هميشہ هميشہ تائين پيو اٿندو رهندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan