يسعياہ 33:2 - Muslim Sindhi Bible2 اي خداوند! اسان تي رحم فرماءِ. اسان جي توڪل تو تي ئي آهي. تون هر روز اسان جي حفاظت ڪر، ۽ اسان جي مشڪلاتن جي وقت اسان کي اچي بچاءِ. Faic an caibideilSindhi Bible2 اي خداوند اسان تي فضل ڪر؛ اسين تنهنجا منتظر رهيا آهيون: تون هر روز صبح جو هنن جي ٻانهن جو زور ٿيءُ، ۽ مصيبت جي وقت اسان جو ڇوٽڪارو بہ ٿيءُ. Faic an caibideil |
تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہگاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِپناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.