5 تنهن بعد ڪنهن بہ ڀٽڪيل کي نيڪ نہ سمجھيو ويندو، نڪي ڪنهن دوکيباز کي ايماندار ڄاتو ويندو.
5 تڏهن ڪميڻو ماڻهو اڳتي سخي نہ سڏبو، نڪي اناڙي سخي سڏجڻ ۾ ايندو.
انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.
جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تانتہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ کي چڱائي ۽ چڱائيءَ کي بڇڙائي ٿا سڏيو، جيڪي روشنيءَ جي بدران اونداهي، ۽ اونداهيءَ جي بدران روشني ٿا ڪري ڇڏيو، جيڪي ڪؤڙي کي مٺو ۽ مٺي کي ڪؤڙو ٿا ڪري ڇڏيو.
اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“
آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو آقا هن خبيث ماڻهوءَ نابال ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏئي، ڇو تہ جهڙو سندس نالو آهي تهڙو ئي هو پاڻ احمق آهي. پر مون توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا جي موڪليل نوڪرن کي نہ ڏٺو هو.