Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 32:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن ماڻهو اٻهرائيءَ جي بجاءِ، سوچي سمجھي ڪم ڪندا، ۽ چپن ۾ ڳالهائڻ جي بجاءِ، صاف ۽ چٽيءَ طرح ڳالهائڻ لڳندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڪڙن جي دل علم کي سمجهندي، ۽ هڪڙن جي زبان صاف ڳالهائيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 32:4
14 Iomraidhean Croise  

تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟


تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي.


تڏهن ڀلجي ويل ماڻهن کي بہ سمجھہ ايندي، ۽ جيڪي هميشہ ڪِرڪِر ڪندا ٿا رهن، سي خوشيءَ سان تعليم حاصل ڪندا.“


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


ان وقت انڌا ڏسي سگھندا، ۽ ٻوڙا ٻڌي سگھندا.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.


اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.


پر انهن ڪليسيائن وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ ايمان واري خوشخبريءَ جي تبليغ ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan