12 اوهين پنهنجي زرخيز ٻنين، ۽ انگورن جي باغن جي برباديءَ تي ڏک وچان پنهنجيون ڇاتيون پٽيو.
12 هو دلپسند ٻنين، ۽ ڦلدار ڊاک لاءِ پنهنجي ڇاتي ڪُٽينديون.
ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.
انگورن جون وليون سڪي سڙي وينديون، سو مئي اڻلڀ ٿي ويندي. تڏهن جيڪي اڳ ۾ مئي پي خوشيون ڪندا هئا، سي سڀ هاڻي غمگين ٿي ويندا.
هائو، اوهين پنهنجي خوشحال شهر جي سڀني گھرن لاءِ روئو رڙو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم جي سرزمين ۾، رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا.
آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بيهوش پيا آهن.
انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ پڪو پَهُہ ڪري ڇڏيو تہ آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ نہ وٺي ويندس، جيڪو مون انهن کي عطا ڪيو هو، جنهن ۾ آسودگيءَ ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.
مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.
انهيءَ ڪٽڪ اسان جي انگورن جا باغ اجاڙي ڇڏيا آهن، ۽ اسان جي انجيرن جا وڻ ڀڃي وڌا آهن. وڻن جا ڇوڏا بہ لاهي اڇلايا اٿن، ايتري قدر جو ٽاريون بلڪل اڇيون نظر اچن ٿيون.
اتي جي راڻيءَ کي بيحرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو. راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون، ۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.