يسعياہ 30:6 - Muslim Sindhi Bible6 ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو. Faic an caibideilSindhi Bible6 ڏکڻ جي جانورن بابت ڪلام تڪليف ۽ مصيبت جو ملڪ، جتان شينهن ۽ شينهڻ، نانگ ۽ اُڏامندڙ آتشي سپ ٿا اچن، تنهن منجهان هو پنهنجي دولت گڏهن جي پٺيءَ تي، ۽ پنهنجا خزانا اُٺن جي ٿوهن تي کڻي انهيءَ اُمت ڏانهن ٿا وڃن، جنهن مان انهن کي ڪوبہ فائدو نہ رسندو. Faic an caibideil |
جڏهن شبا جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان جي ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي، تڏهن هوءَ ڪجھہ ڏکيا سوال کڻي سليمان کي آزمائڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. هن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوڪر چاڪر هئا ۽ ساڻس گڏ مصالحن، گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان لڏيل اٺ پڻ هئا. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.