يسعياہ 30:3 - Muslim Sindhi Bible3 مگر فرعون جي طاقت کان کين مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھہ بہ هڙ حاصل نہ ٿيندو. هائو، مصر جي پاڇي ۾ پناهہ وٺڻ سندن لاءِ ذلت جو باعث بڻبو. Faic an caibideilSindhi Bible3 تنهن ڪري مصر جو زور اوهان جي لاءِ شرم ٿيندو، ۽ مصر جي پاڇي جو ڀروسو اوهان لاءِ مونجهارو ٿيندو. Faic an caibideil |
سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘