Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 30:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ ئي، مدد لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڀڄن، انهيءَ لاءِ تہ فرعون سندن حفاظت ڪري، ۽ هو مصر جي پاڇي ۾ پناهہ حاصل ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ مصر ۾ ٿا وڃن؛ انهيءَ لاءِ تہ فرعون جي زور سان زوراور ٿين، ۽ مصر جي پاڇي تي ڀروسو رکن!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 30:2
26 Iomraidhean Croise  

پر يهوسفط چيو تہ ”هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇون؟“


پر هڪڙي سال هوسيع مصر جي ”سو“ نالي بادشاهہ ڏانهن مدد لاءِ پنهنجا قاصد موڪليا ۽ اشور جي شهنشاهہ کي آئندہ لاءِ ڍل ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيائين. جڏهن سلمنيسر کي انهيءَ ڳالهہ جو پتو پيو تڏهن هوسيع کي گرفتار ڪرائي قيد ۾ وجھي ڇڏيائين.


تون مصر تي ڀاڙيو ويٺو آهين جيڪو هڪ ڦٿل ڪاني مثل آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان تي اَهل ڏيئي هلندو آهي تہ اهو ڪانو سندس هٿ ۾ چڀي پوندو آهي! مصر جو فرعون انهن سڀني سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا.‘“


سو اوهين صلاح ڏيو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي. اوهين انهيءَ وڻ وانگر اسان کي پناهہ ڏيو، جيڪو ٽاڪ منجھند جو بہ ٿڌي ڇانوَ ڏئي ٿو. اسان جلاوطنن کي پنهنجي پناهہ ۾ لڪايو، ۽ اسان کي دشمنن جي هٿ ۾ نہ ڏيو.


آہ! ويل آهي سوڊان جي انهيءَ علائقي لاءِ! جيڪو ان جي ندين جي هُن پار آهي، ۽ جنهن ۾ پرن وارن جيتن جي ڦڙڦڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.


تون مصر تي ڀاڙيو ويٺو آهين جيڪو هڪ ڦٿل ڪاني مثل آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان تي اَهل ڏيئي هلندو آهي تہ اهو ڪانو سندس هٿ ۾ چڀي پوندو آهي! مصر جو فرعون انهن سڀني سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا.‘“


پر تو وٽ تہ اهي بہ نہ هوندا، تہ پوءِ تون ڪيئن منهنجي مالڪ جي خسيس عملدار کي بہ پوئتي هٽائي سگھندين؟ جڏهن تہ تون جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن لاءِ بہ مصر تي ڀروسو رکيو ويٺو آهين؟


جڏهن ماڻهو اوهان کي مِڻ مِڻ ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن بابت چون تہ ”اچو تہ انهن کان پڇون. اسان لاءِ اهو مناسب آهي تہ اسين روحن جا طلبگار ٿيون. ڇا جيئرن بابت مئلن کان پڇا ڪرڻ بهتر نہ آهي؟“


هاڻي نيل نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اشور ملڪ ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟


”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تان‌تہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“


فرعون جو لشڪر مصر مان نڪري چڪو هو، سو يروشلم کي گھيري هيٺ رکيو ويٺل بابلين جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يروشلم کي ڇڏي هليا ويا.


هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.


سو هو خداوند جي نافرماني ڪندي مصر جي ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ تحفنيس شهر تائين اچي پهتا.


اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.


ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن، توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو، تہ بہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.


توڙي جو اهي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ ٻين قومن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا آهن، تہ بہ هاڻي آءٌ پڪڙي کين گڏ ڪندس، آءٌ کين جلد ئي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي تڪليفن ۾ وجھي ڇڏيندس.


اسرائيل وارا اشور ڏانهن ائين ويا آهن، جيئن ڪو اڪيلو رولو گڏهہ وڃي، اتي وڃي هنن پنهنجي مدد لاءِ اشورين کي ڀاڙي تي سڏيو آهي.


يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“


تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن انهن جي کاڌي مان رسمي طور ڪجھہ کائيندي هنن کي قبول ڪيو، پر انهيءَ باري ۾ خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan