4 اٽلندو خداوند انهن جي مٿان ٻارن کي اڳواڻ مقرر ڪندو، هائو، انهن تي ننڍڙا ٻار حڪومت ڪندا.
4 ۽ آءٌ ٻارن کي انهن جا سردار ڪندس، ۽ ننڍڙا ٻار انهن تي حڪومت ڪندا.
جڏهن منسي بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٻارهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي.
جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.
صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.
يهوآخز جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٽيويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.
جڏهن يهويقيم کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ برا هئا.
يهوياڪين جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهنجا رهبر ئي تو کي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجيون راهون بگاڙيو ٿا ڇڏين. اهي بيسمجھہ ٻارن جيان تو تي ظلم ڪن ٿا، ۽ نادان عورتن جيان تو تي حڪمراني ٿا ڪن.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.
لشڪرن جا سالار، معزز، مشير، ماهر جادوگر، ۽ هوشيار ساحر کانئن دور ڪري ڇڏيندو.
خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.