3 لشڪرن جا سالار، معزز، مشير، ماهر جادوگر، ۽ هوشيار ساحر کانئن دور ڪري ڇڏيندو.
3 پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر.
تو پنهنجي طاقت سان زمين تي قبضو ڄمائي رکيو هو، ۽ عزت دار ماڻهوءَ طور انهيءَ ۾ رهندو هئين.
انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.
تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“
سندن بهادر، جنگي جوان، جج، نبي، فال وجھڻ وارا، اڳواڻ،
اٽلندو خداوند انهن جي مٿان ٻارن کي اڳواڻ مقرر ڪندو، هائو، انهن تي ننڍڙا ٻار حڪومت ڪندا.
تنهنڪري اڻڄاڻ بڻجڻ سبب اوهين جلاوطن ڪيا ويندا. اوهان جا امير بک ۾ پاهہ ٿيندا، ۽ عام ماڻهو اڃ ۾ پيا تڙپندا.
بزرگ ۽ معزز ماڻهو مٿي مثل آهن، ۽ نبي سڏائيندڙ جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، سي پڇ مثل آهن،
پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.
پوءِ هن زبح ۽ ضلمنع کان پڇيو تہ ”جن ماڻهن کي اوهان تبور ۾ قتل ڪيو هو سي ڪيئن هئا؟“ هنن وراڻيو تہ ”اهي تو جهڙا هئا. انهن مان هر ڪو بادشاهزادو پئي لڳو.“
انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.