Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 3:23 - Muslim Sindhi Bible

23 ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 3:23
14 Iomraidhean Croise  

۽ ابراهيم جي نوڪر کان پڇيائين تہ ”هو ڪير آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ اسان سان ملڻ لاءِ ٿو اچي؟“ نوڪر جواب ڏنو تہ ”اهو منهنجو مالڪ آهي.“ تڏهن هن نقاب هيٺ ڪري پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏيو.


ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.


دائود کي توڙي صندوق کڻي هلڻ وارن سڀني لاوين، سڀني ڳائڻن ۽ ڳائڻ وارن جي اڳواڻ ڪنانياہ کي عمدي سڻيءَ جا جبا پهريل هئا. دائود کي سڻيءَ جو مذهبي وڳو پڻ پهريل هو.


جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو خدمت ڪنديون هيون، تن جي آئينن واري پتل مان هن پتل جو هڪڙو حوض ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جي گھوڙي ٺاهي.


تڏهن پهري وارا، جن شهر ۾ گشت پئي ڪيو، سي مون کي مليا. هنن مون کي مار ڏني ۽ زخمي ڪري وڌائون. ڪوٽ جي انهن پهريدارن مون کان منهنجي چادر بہ کسي ورتي.


عمديون پوشاڪون، پهراڻ، روا ۽ ٻٽون،


انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.


سو جنڊ کڻي ويهي اَنُ پيهُہ. پاڻ تان پردو هٽاءِ ۽ پنهنجا عمدا ڪپڙا لاهي ڇڏ. پنهنجو اوڇڻ مٿي ڪري اُگھاڙين ٽنگن سان نديءَ مان لنگھي وڃ.


مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم.


ملائڪ سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جي مٿي تي ڌوتل پڳ ٻڌو.“ سو هنن کيس ڌوتل پڳ مٿي تي ٻڌي ۽ ڪپڙا پهرايائونس، جڏهن تہ خداوند جو ملائڪ ڀرسان بيٺو رهيو.


عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.


آسمان جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا.


هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“


تڏهن بوعز کيس چيو تہ ”جيڪا چادر پاتل اٿيئي سا اچي جھل.“ هُن اُها آڻي جھلي ۽ بوعز جَون جا ڇهہ ماپا انهيءَ ۾ وجھي سندس مٿي تي رکيا. پوءِ هوءَ شهر ڏانهن موٽي ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan