19 پنڙا، ڪنگڻ ۽ روءِبند،
19 يعني پنڙا ۽ ڪنگڻ ۽ روبند،
جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا.
لابن جڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ ۽ سندس هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا ۽ جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ سندس ڀيڻ کي چيو هو سو کانئس ٻڌائين، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ ڊوڙي ويو جيڪو کوهہ تي اٺن جي ڀرسان بيٺو هو.
پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.
سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.
يهوداہ چيس تہ ”ڪهڙي شيءِ گروي رکان؟“ انهيءَ وراڻيو تہ ”پنهنجي منڊي، ان جي ڏوري ۽ لٺ جيڪا هٿ ۾ اٿيئي.“ تنهن تي هن اهي شيون انهيءَ کي ڏنيون ۽ وڃي ساڻس ستو. تڏهن هوءَ منجھانئس پيٽ سان ٿي.
جڏهن کيس ٻاهر آندو ٿي ويو تڏهن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن تنهن مان آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان.“ وڌيڪ چيائين تہ ”مهرباني ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جي آهي.“
تڏهن هارون کين چيو تہ ”پنهنجي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي مون وٽ کڻي اچو.“
تنهن تي سڀيئي ماڻهو انهن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي، اُهي هارون وٽ کڻي آيا.
انهن مان مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ ۽ سڀ سون جا زيور کڻي آيا، مطلب تہ جيڪي آيا سي سڀ خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو کڻي آيا.
بيشڪ اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن پروردگار يروشلم جي عورتن کان سينگار جي هر شيءِ کسي وٺندو، جنهن تي هو فخر ٿيون ڪن، يعني پازيبون، ٽِڪا ۽ هار،
تاج، ٻانهن جا زيور، ڪمربند، عطردانيون ۽ تعويذ،
مون تو کي زيورن سان سينگاريو. تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ ۽ ڳچيءَ ۾ هار پارايم.
تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم.
سو اسان مان هر هڪ ڄڻي سونا زيور خداوند جي لاءِ نذرانو آندا آهن، جيڪي اسان کي هٿ آيا هئا، يعني بازوبند، چُوڙا، منڊيون، ايرنگَ ۽ هار، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ادا ٿئي.“