هائو، اي صيئون جون عورتون! سليمان بادشاهہ کي ڏسو. انهيءَ جي مٿي تي هڪ تاج آهي، جيڪو سندس شاديءَ جي ڏينهن، يعني دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، سندس ماءُ کيس پارايو هو.
اي سفير شهر جا رهاڪؤ! اوهين اگھاڙا ۽ شرمندا ٿي جلاوطن ٿي ويندا. اي ضانان شهر جا رهاڪؤ! اوهين پنهنجي شهر مان نڪرڻ جي همت نہ ڌاري سگھندا. جڏهن بيتايضل وارن جي روئڻ رڙڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تڏهن ڄاتو ويندو تہ اتي انهن لاءِ ڪا پناهہ ناهي.