فرعون جا رکوالا انهن مٿان مقرر ڪيل بني اسرائيل جي عملدارن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ”اوهان ڪالهہ ۽ اڄ سرن ٺاهڻ جو اوترو ڪم ڇو نہ ڪرايو آهي جيترو اڳي ڪرائيندا هئا.“
آءٌ خداوند هڪ ريڍار جيان پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهندس، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذاريندا. مگر اوهان فلستين جي نسل کي آءٌ ڏڪار سان ماريندس، اهو ڏڪار اوهان مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيندو.