Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 3:14
34 Iomraidhean Croise  

هو تو کي تنهنجي خداپرستيءَ جي ڪري نہ، بلڪ تنهنجي وڏي شرارت جي ڪري ڇينڀي ٿو. هن جو تو کي سزا ڏيڻ تنهنجي سچائيءَ جي ڪري ناهي، بلڪ انهيءَ ڪري آهي جو تنهنجي گناهن جي ڪا پڄاڻي ئي ناهي.


رات جي وقت خوني ماڻهو چور بڻجيو وڃي، ۽ پرهہ ڦٽندي ئي هو غريب ۽ محتاج کي ڪهي ٿو.


يتيم کي سندس ماءُ جي ڇاتيءَ کان ڇني ڌار ڪيو ٿو وڃي، ۽ قرض جي واپسيءَ تائين، انهيءَ ٻار کي قبضي ۾ رکيو ٿو وڃي.


خدا کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ئي ڪانهي، تہ هو انسان جي فيصلي لاءِ ڪنهن دنياوي عدالت وانگر کيس پنهنجي آڏو حاضر ٿيڻ واسطي ڪو خاص وقت مقرر ڪري.


جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا انهن سڀني بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کايو وڃن جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خداوند جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“


تون پنهنجي هن بندي کي پنهنجي عدالت آڏو نہ آڻج، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي آڏو ڪوبہ سچار ثابت نہ ٿو ٿئي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بي‌گھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي بي‌انصافيءَ سان فيصلو ڪن ٿا، هائو، جيڪي ظلم وارا قانون جاري ٿا ڪن.


انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رنن‌زالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


آءٌ خداوند هڪ ريڍار جيان پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهندس، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذاريندا. مگر اوهان فلستين جي نسل کي آءٌ ڏڪار سان ماريندس، اهو ڏڪار اوهان مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيندو.


هاڻي اهي جيڪي مسڪين ۽ مظلوم هئا، سي انهن جي شهر کي پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙين ٿا.


تڏهن غريب ۽ مسڪين ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري وڌيڪ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا.


سو هاڻي بني اسرائيل جو پاڪ معبود سندن جواب ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان منهنجي پيغام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ظلم ۽ ڪوڙ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهن تي ئي اوهان جو دارومدار آهي.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


ڏسو، اوهين جھيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ دنگي ۽ فساد کان باز نہ ٿا اچو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ اهڙي قسم جو روزو رکي اوهين پنهنجيون دعائون مون تائين پهچائي سگھو ٿا؟


جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين، ۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن، تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.


جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن ٺڳيءَ ڪندي هنن پنهنجا گھر ڀريا آهن، انهيءَ ڪري هو شاهوڪار ۽ طاقتور ٿي ويا آهن.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


آءٌ اوهان کي هڪڙي بيابان ۾ آڻيندس، جنهن جي چوڌاري قومن جو گھيرو هوندو. اتي آءٌ اوهان جي روبرو اوهان جي سزا ٻڌائيندس.


جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ جي بيابان ۾ سزا ٻڌائي هئي، تيئن آءٌ خداوند خدا اوهان کي بہ ٻڌائيندس.


جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري کي ڪا زمين وڪڻو يا کانئس خريد ڪريو، تہ هڪٻئي جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو نہ وٺجو.


اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بي‌ايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.


عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan