Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 28:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن قادرِمطلق خداوند ئي پنهنجيءَ قوم جي باقي بچي ويلن لاءِ شاندار ۽ خوبصورت تاج هوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 انهي ڏينهن لشڪرن جو خداوند پنهنجي اُمت جي باقي بچيلن لاءِ جلال جو تاج، ۽ سونهن جو ڇٽ ٿيندو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 28:5
21 Iomraidhean Croise  

سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


بيشڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان عادل خدا جي واکاڻ جا گيت ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. پر ويل آهي مون لاءِ! ڇاڪاڻ تہ منهنجا حالات تمام خراب آهن، بلڪ آءٌ ڳرندو ٿو وڃان، هائو، جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ دغابازي ڪندڙ دغابازيءَ جي هلت کان باز نہ ٿا اچن، بلڪ سندن دغابازي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.


صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“


اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.


تون خداوند پنهنجي خدا لاءِ عظمت وارو ڇٽ ٿيندينءَ. هائو، تون خداوند لاءِ شاهي تاج ٿيندينءَ.


تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم.


تڏهن يهوداہ جا اڳواڻ پنهنجيءَ دل ۾ چوندا تہ ’يروشلم جا رهاڪو قادر‌مطلق خداوند پنهنجي خدا جي ڪري اسان جي طاقت آهن.‘


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan