ويل آهي اسرائيل جي مئيخوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.
اوهان موت سان جيڪو ٺاهہ ڪيو آهي، سو رد ڪيو ويندو. ۽ پاتال سان اوهان جو عهد اقرار قائم نہ رهندو. تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تڏهن اوهين انهيءَ ۾ غرق ٿي ويندا.
تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بيحرمتي ڪيائين!