يسعياہ 28:2 - Muslim Sindhi Bible2 ياد رکو، پروردگار وٽ هڪڙو اهڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، جيڪو ڳڙن واري طوفان، برباد ڪندڙ واچوڙن، ۽ ٻوڏ جي جھجھي پاڻيءَ جي وهڪري وانگر سامريہ وارن کي زور سان ڌرتيءَ تي اڇلائي وجھندو. Faic an caibideilSindhi Bible2 ڏسو، خداوند وٽ هڪڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، هو انهي کي ڳڙن جي طوفان، ۽ برباد ڪندڙ واچ، ۽ پاڻيءَ جي زور واري اُٿل وانگر زمين تي اُڇلائي وجهندو. Faic an caibideil |
تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہگاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِپناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.
انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.