Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 28:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ويل آهي اسرائيل جي مئي‌خوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 28:1
28 Iomraidhean Croise  

فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


اسرائيل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار بهادر ماڻهو مارائي ڇڏيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


ڪير هميشہ مشڪلاتن ۾ آهي؟ ڪير ڏک ۾ ٿو گذاري؟ ڪير جھيڙا جھڳڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي اجايا زخم رسيا آهن؟ ڪنهن جون اکيون رت جهڙيون لال آهن؟


ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي صبح جو سوير اُٿي نشي‌بازيءَ جي پٺيان ٿا لڳو، ۽ رات جو دير تائين ٿا جاڳو، جيستائين اوهان تي مئي جو نشو نہ ٿو چڙهي.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي مئي پيئڻ جا شير آهيو، ۽ پاڻ کي نشي وارين شين ٺاهڻ جا ماهر ٿا سمجھو.


انهيءَ سبب جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳ اشور جو شهنشاهہ اوهان جي دشمنن يعني دمشق ۽ سامريہ وارن تي حملو ڪري اتان جو مال ملڪيت لٽي ڦري پاڻ سان کڻي ويندو.“


انهيءَ ڪري خداوند انهن جي خلاف سندن مخالفن کي اٿاري کڙو ڪيو. هائو، هن سندن دشمنن کي مٿن چاڙهي آندو.


پروردگار يعقوب جي اولاد مان انهن تي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اسرائيل ملڪ ۾ رهن ٿا.


گاديءَ واري شهر سامريہ وارن سميت اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي. پر مغروريءَ ۽ هٺ وچان چيو اٿائون تہ


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ائين لڳي ٿو تہ منهنجي قوم نئين توڙي پراڻي مئي پئي پئي پنهنجو هوش وڃائي ويٺي آهي،


اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. پر هاڻي افرائيم قبيلي بلڪ سڄي اسرائيل وارا انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري منهن ڀر ڪرندا. هائو، انهن سان گڏ يهوداہ وارا پڻ ٿاٻڙجي وڃي هيٺ ڪرندا.


خداوند جي غضب جو ڏينهن ويجھو آهي، جنهن جي ڪري اسرائيل ويران ٿي ويندو. جيڪو ڪجھہ بہ يقيناً ٿيڻو آهي، سو اسرائيل وارن آڏو اڳ ۾ ئي پڌرو ٿي چڪو آهي.


مون اوهان اسرائيل وارن ۾ هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي، يعني اوهان ڏاڍي بت‌پرستي ڪندي پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي.


اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن، ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن.


آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.


پر اوهان ناذيرين کي مئي پيئاريو، ۽ نبين کي منهنجي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪئي.


اهي هر قربان‌گاهہ وٽ گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون، ۽ منهنجي هيڪل ۾ غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan