يسعياہ 27:5 - Muslim Sindhi Bible5 تنهن هوندي بہ جيڪڏهن منهنجي قوم کي اهي نقصان ڏيندڙ مون وٽ امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ چاهين، تہ پوءِ منهنجي طاقت جي پناهہ ۾ اچڻ لاءِ پهريائين مون سان صلح ڪن.“ Faic an caibideilSindhi Bible5 يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري. Faic an caibideil |
تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہگاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِپناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.