Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 27:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 27:1
30 Iomraidhean Croise  

خدا پنهنجي ڦوڪ سان آسمانن کي زينت بخشي آهي. سندس ئي هٿ ازدها بلا کي چچري ڇڏيو آهي.


جيڪي لعنتي ڪري ڇڏڻ جي طاقت ٿا رکن، شل اهي انهيءَ رات کي لعنتي ڪري ڇڏين، يعني اهي ئي جادوگر، جيڪي ازدها بلا کي بہ پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿا سگھن.


اهو مون خدا جي خاص ڪاريگري آهي. رڳو آءٌ، ان جو خالق ئي کيس شڪست ڏيئي سگھان ٿو.


”ڇا تون سامونڊي بلا کي ڪنڍيءَ سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگھين ٿو؟ يا ڇا تون ان جي زبان کي رسيءَ سان ٻڌي ٿو سگھين؟


انهيءَ منجھہ جهاز هلن ٿا، ۽ ازدها بلا بہ منجھس رهي ٿي، جنهن کي تو اتي کيڏڻ ڪُڏڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.


اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي.


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا، شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو، ۽ نانگ بہ بي‌ضرر هوندو، ۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا، ۽ نہ وري برباد ڪندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.


اوهين رڙيون ڪري چوندا تہ ’اي خداوند جي تلوار! تون ڪيستائين پئي قتلام ڪندي رهندينءَ؟ هاڻ پنهنجي مياڻ ۾ موٽي وڃ، خاموش رهہ ۽ آرام وٺ.‘


بابل ملڪ جنهن ۾ بي‌شمار نديون ٿيون وهن ۽ جيڪو خزانن سان مالا مال آهي، سو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جي تند ڪٽجڻ واري آهي.


بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس. جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ هوءَ کين ڏنگي وجھي.


ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.


پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.


ماڻهن ازدها کي سجدو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان کي بہ سجدو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“


ان وقت مون ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺا، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتا.


پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.


پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


باقي ٻيا ماڻهو انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنهن سان ماريا ويا، جن جو ماس کائي سڀني پکين ڍءُ ڪيو.


سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.


هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي ابليس يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan