بيشڪ منهنجي دشمنن جي وات ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. هو دل ۾ رڳو تباهي ٿا رکن. هو پنهنجي زبان سان خوشامند ڪن ٿا، پر سندن وات مان نڪتل ڳالهيون ٻين لاءِ موت آهن.
بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.
تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.
پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.
هن دفعي اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڪو اوهان جي پٺيان هوندو جو اوهين ڀڄي نڪرو، بلڪ خداوند، بني اسرائيل جو خدا اوهان جي رهنمائي ڪندو، ۽ هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندو.
پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بيانصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بيانصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.
تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.