Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 26:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 26:3
34 Iomraidhean Croise  

جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


اهڙيءَ طرح اسرائيل وارن انهيءَ موقعي تي شڪست کاڌي ۽ يهوداہ وارا سوڀارا ٿيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا تي ڀروسو ڪيو.


ڇا سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن جو لشڪر بي‌شمار گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو ڪيو هو تڏهن هن اهي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا هئا.


جيڪي تنهنجي شريعت کي چاهين ٿا، تن لاءِ جھجھي سلامتي ۽ خوشحالي آهي. اهي ڪڏهن ڪو ٿاٻو بہ نہ کائيندا.


جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.


جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


اي خداوند! تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ اسان کي حاصل ٿئي ٿو، سو سڀ تنهنجي ڪمن جو ئي نتيجو آهي.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن منهنجي قوم کي اهي نقصان ڏيندڙ مون وٽ امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ چاهين، تہ پوءِ منهنجي طاقت جي پناهہ ۾ اچڻ لاءِ پهريائين مون سان صلح ڪن.“


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


جيئن تہ هر ڪو سچائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري هميشہ جي لاءِ سلامتي ۽ آرام وَ اطمينان ٿي ويندو.


هائو، تڏهن اسان جي قوم ڳڻتين کان آزاد ٿي ويندي، ۽ پنهنجي گھرن ۾ امن وَ سلامتيءَ ۽ آرام وَ آسائش جي زندگي گذاريندي.


اوهين منهنجا ٻانها ۽ منهنجا موڪليل قاصد آهيو، پر اوهان کان وڌيڪ ڪو انڌو يا ڪو ٻوڙو آهي ڇا؟ اوهين جيڪي مون خداوند جا عهد ڪيل ٻانها آهيو، تن جهڙو ڪو ٻيو انڌو نہ آهي.


”مون خداوند تو کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ طاقت عطا ڪئي اٿم، تہ جيئن تون ڌرتيءَ تي انصاف قائم ڪرين. تنهنجي وسيلي آءٌ قومن سان عهد ٻڌندس، ۽ تنهنجي وسيلي آءٌ قومن کي روشني عطا ڪندس.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.


هائو، آءٌ تو کي محفوظ رکندس. سو تون قتل نہ ڪيو ويندين ۽ تنهنجي جان بچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون تي ڀروسو رکندڙ آهين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


باقي، اي بادشاهہ! اسان جو خدا، جنهن جي ئي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو جيڪڏهن اسان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري مان بچائڻ چاهيندو تہ اسين توهان جي هٿان بچي نڪرنداسين.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.


تڏهن بادشاهہ جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. پوءِ هن حڪم ڪيو تہ ”دانيال کي ڪڍي ٻاهر آڻيو.“ سو دانيال کي ڏر مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. کيس ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ رسيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي خدا تي ڀروسو ڪيو هو.


بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي. جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا ۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا، تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ سندن مقابلو ڪنداسين.


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan