Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 26:19 - Muslim Sindhi Bible

19 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 26:19
37 Iomraidhean Croise  

توڙي جو ان جون پاڙون زمين ۾ پراڻيون ٿي وڃن، ۽ ان جو ٿُڙ مٽيءَ ۾ ڳري وڃي،


آءٌ هميشہ انهيءَ وڻ وانگر رهندس، جنهن جون پاڙون سدائين سايون رهنديون آهن، منهنجي ٽارين تي سڄي رات ماڪ پوندي، ۽ مون کي تازگي بخشيندي،


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.


دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.


تو مون کي گھڻين ۽ سخت تڪليفن ۾ پيڙي ڇڏيو آهي. پر تون ئي مون کي انهيءَ پاتال مان ڪڍي ٻاهر آڻيندين، ۽ هڪ نئين زندگي عطا ڪندين.


ڀلا قبر وارا تنهنجي دائمي شفقت بيان ڪندا ڇا؟ يا وري قبر ۾ ڪو تنهنجي وفا جو ذڪر ٿيندو ڇا؟


انهيءَ سبب جو خداوند مون يسعياہ کي پيغام ڏيندي فرمايو تہ ”آءٌ پنهنجي عرش عظيم تان ائين سڪون سان هيٺ نظر ڪندس، جيئن ڏينهن جو گرميءَ ۾ سج جي تپش ماٺ ۾ محسوس ٿيندي آهي، يا جيئن اونهاري ۾ لاباري جي ڏينهن ۾ رات جو ماڪ خاموشيءَ ۾ پوندي آهي.


هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


اي يروشلم! تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي. تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي. سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.


ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.


اڳتي امن وَ سلامتيءَ سان پوک ڪئي ويندي، انگورن جون وليون پنهنجو ڦر جھلينديون، زمينن ۾ فصل ٿيندا ۽ آسمان مان برسات پوندي. آءٌ اوهان باقي بچيلن کي اهي سڀ شيون ورثي طور عطا ڪندس.


۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي خداپرست ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيئرا ٿي


هن گورنر پلاطس جي درٻار ۾ وڃي کانئس عيسيٰ جو لاش گھريو. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“


مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.


پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.


يوسف جي ٻنهي قبيلن لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”شال هنن جي ديس تي خداوند جي برڪت هجي، هائو، خدا مٿان آسمان مان جھجھي برسات، ۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪري.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي، ۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


بيشڪ خداوند ئي ماري ٿو ۽ هو ئي جياري ٿو، هو ئي قبر ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو ئي ٻاهر ڪڍي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan