يسعياہ 26:14 - Muslim Sindhi Bible14 هاڻي اهي دشمن حڪمران مري کپي ويا آهن، ۽ وري جيئرا ڪين ٿيندا. هائو، اهي مئلن جي دنيا مان اُٿي ڪين ايندا، ڇاڪاڻ تہ تو کين سزا ڏيئي اهڙو ناس ڪري ڇڏيو آهي، جو سندن نالو نشان بہ هميشہ لاءِ مٽجي ويو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible14 هو مئل آهن، ۽ وري جيئرا نہ ٿيندا؛ هو فوت ٿي ويا آهن، ۽ وري نہ اُٿندا: تنهن ڪري تو هنن کي سزا ڏني، ۽ ناس ڪيو، ۽ سندن يادگيري بہ مٽائي ڇڏي. Faic an caibideil |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“