9 مئي پيئڻ وارن جي خوشيءَ جا گيت ٻڌڻ ۾ نہ ايندا، بلڪ نشي واري ڪابہ شيءِ پيئڻ واري کي ڪو مزو نہ ڏيندي.
9 هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.
جيڪي شهر جي چونڪن ۾ ٿا ويهن، سي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، بلڪ جيڪي نشئي آهن سي بہ مون تي راڳ ٿا ٺاهين.
تنهنڪري خوش رهو ۽ کائڻ پيئڻ مان مزا ماڻيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اڳي ئي اوهان جي انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي آهي.
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ کي چڱائي ۽ چڱائيءَ کي بڇڙائي ٿا سڏيو، جيڪي روشنيءَ جي بدران اونداهي، ۽ اونداهيءَ جي بدران روشني ٿا ڪري ڇڏيو، جيڪي ڪؤڙي کي مٺو ۽ مٺي کي ڪؤڙو ٿا ڪري ڇڏيو.
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي مئي پيئڻ جا شير آهيو، ۽ پاڻ کي نشي وارين شين ٺاهڻ جا ماهر ٿا سمجھو.
آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.
”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون، هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا. پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“
آءٌ قادرمطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربانگاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.