يسعياہ 24:6 - Muslim Sindhi Bible6 تنهنڪري خداوند ڌرتيءَ کي لعنت سان ڀري ڇڏيندو. انهيءَ جا رهاڪو پنهنجي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا ماڻهو باقي وڃي بچندا. Faic an caibideilSindhi Bible6 تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن. Faic an caibideil |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،