Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 24:5 - Muslim Sindhi Bible

5 بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 24:5
49 Iomraidhean Croise  

مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو انهيءَ جي خبر ٻڌندو تنهن جي ڪنن مان زوڪٽ نڪري ويندا.


انهيءَ سبب جو هنن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪتا هئا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.“


تنهن هوندي بہ منسيءَ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي ايترو تہ گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.


انهيءَ عهد کي هن يعقوب جي لاءِ قانونِ محڪم بڻايو، ۽ سندس اولاد لاءِ پڻ هن انهيءَ کي ابدي عهد قرار ڏنو،


مون تي خوف اچي پيو آهي ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿم. هيبت اچي مون تي غالب پيئي آهي.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.


شاهي رستا ويران ٿي ويا آهن، خوف وچان ڪوبہ انهن تي سفر نہ ٿو ڪري. عهد شڪني ڪئي وڃي ٿي، شاهدي ڏيڻ وارن تي ڪو يقين ڪونہ ٿو ڪري ۽ ماڻهو هڪٻئي جي عزت نہ ٿا ڪن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.


هو صيئون جو رستو پڇا ڪندا ۽ اوڏانهن پنهنجو رخ رکندا. هو اتي اچي مون خداوند سان هڪ دائمي عهد ڪندا، جنهن کي هو ڪڏهن بہ نہ وساريندا.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس.


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


اسان تو خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي، جو اسان تنهنجي انهيءَ شريعت تي عمل نہ ڪيو آهي، جيڪا تو پنهنجي بندن، يعني نبين جي معرفت اسان کي ڏني.


اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون.


پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو. هائو، انهيءَ وقت کان وٺي اوهين مون سان بي‌وفائي ڪندا رهيا آهيو.


اوهين منهنجي سڀني قانونن ۽ حڪمن کي مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو سو متان اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.


سو جيستائين اها زمين ويران رهندي تيستائين اهڙو تہ آرام وٺندي جهڙو اوهان کيس پنهنجي سبت جي ڏينهن ۾ بہ ڪونہ ڏنو هوندو، جڏهن اوهين منجھس رهندا هئا.


سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو! ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي، جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


هاڻي مقدس خيمي جي خدمت بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين عهد ۾ عبادت جا قاعدا هئا ۽ عبادت واري هڪڙي مقدس جاءِ بہ هئي، جيڪا زمين تي


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي ڀڃڪڙي ڪندا، جنهن تي قائم رهڻ جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا، تہ پوءِ خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي ۽ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ مان جلد ناس ٿي ويندا جيڪو هن اوهان کي ڏنو آهي.“


سو يشوع انهيءَ ڏينهن ماڻهن سان گڏ عهد اقرار ڪندي سڪم شهر ۾ هنن کي قاعدا قانون مقرر ڪري ڏنا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan