Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 24:18 - Muslim Sindhi Bible

18 هائو، جيڪي دهشت واري آواز کان ڀڄندا، سي کڏ ۾ وڃي ڪرندا. جيڪي کڏ مان نڪري ٻاهر ايندا، سي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا. مطلب تہ اوهان مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ آسمان مان برسات جو وهڪرو اچي نازل ٿيندو، ۽ ڌرتيءَ جا بنياد لوڏيا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 24:18
26 Iomraidhean Croise  

خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي.


جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.


تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


جيڪڏهن هو لوهہ جي هٿيار کان ڀڄندا، تہ پتل جو تير چڀي کين ماري ڇڏيندو.


پوءِ خداوند جي ڇينڀڻ سان، ۽ قهر مان ڪڍيل طوفاني ڦوڪ سان ڌرتيءَ جا بنياد کُلي ويا ۽ سمنڊ جو ترو ظاهر ٿيو.


پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي. هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.


پوءِ ڪاوڙ سببان هن جي ناسن مان دونهون نڪرڻ لڳو. هن جي واتان ناس ڪندڙ باهہ ۽ ڀڙڪندڙ ٽانڊا ٿي نڪتا.


ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.


آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.


پر اوهين خداوند جي اهڙي قوم آهيو، جيڪا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي. اوهين سڀ زندانن ۾ ڦاٿل ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهيو. اوهان کي ڦريو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي ڇڏائي سگھي، هائو، اوهان کي لٽيو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي موٽائي ڏئي سگھي.


منهنجي اها عظيم پاڪيزگي يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندو ۽ دام ثابت ٿيندي، بلڪ سڄي يهوداہ ۽ اسرائيل جي رهاڪن لاءِ ٿاٻو ڏيڻ وارو پٿر ۽ ٿاٻڙائڻ وارو ٽڪر بڻبي.


اي موآب جا رهاڪؤ! آءٌ خداوند ٿو چوان تہ دهشت، کڏ ۽ ڦندو، اهي سڀ اوهان جا منتظر آهن.


جيڪي دهشت کان ڀڄي نڪرندا سي کڏ ۾ ڪري پوندا، ۽ جيڪي کڏ مان مٿي نڪري ايندا سي ڦندي ۾ ڦاسي پوندا. انهيءَ سبب جو مون خداوند اوهان موآب وارن لاءِ سزا جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


اسان تي مصيبت ۽ تباهي نازل ڪئي ويئي، ۽ اسان خوف ۽ دهشت ۾ زندگي پيا گذاريون.“


جيئن تہ اوهين جنگ کان ڊڄو ٿا، سو مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ جنگي لشڪر ئي اوهان تي چاڙهي آڻيندس.


خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.


هائو، آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. انهن مان ڪي باهہ مان نڪري ڀڄي ويا پر هاڻي باهہ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن آءٌ انهن کي سزا ڏيندس تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو. اوهين ڇو خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اهو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن آهي، نہ روشنيءَ جو.


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan