Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 24:12 - Muslim Sindhi Bible

12 شهرن کي ڊاهي بلڪل کنڊر بڻايو ويندو، ۽ انهن جا دروازا ڀڃي ناس ڪيا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 شهر ۾ ويراني وڃي بچي آهي، ۽ دروازو ڀڄي ناس ٿي ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 24:12
12 Iomraidhean Croise  

اي فلستي شهرن جا دروازؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، اي فلستي شهرؤ! اوهين رڙيون ڪريو. هائو، اي فلستيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين ڊڄو ۽ ڏڪو، ڇاڪاڻ تہ اتر طرف کان هڪڙو لشڪر مٽيءَ جو طوفان اٿاريندو ايندو، انهن جي صفن ۾ ڪوبہ پٺتي هٽڻ وارو نہ هوندو.“


يروشلم جو شاهي محل پڻ اجاڙيو ويندو، ۽ وڏي آباديءَ وارو اهو شهر بلڪل ويران ڪيو ويندو. ٽڪر وارو قلعو ۽ اهي ٺُلهہ جن تي پهرو ڏنو ٿو وڃي، سي هميشہ جي لاءِ کنڊر بڻجي ويندا. اهي جھنگلي گڏهن جي جُوءِ، ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ بڻجي ويندا.


پر اڳ مصيبت جي وقت جڏهن ڳڙا وسيا هوندا، ۽ ٻيلن ۽ شهرن کي چپي ڇڏيو هوندائون،


خداوند خورس کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ تنهنجي اڳيان هلندس، تہ جيئن جبلن ۽ ٽڪرين کي تنهنجي لاءِ هموار ڪريان. آءٌ پتل جا دروازا ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندس، ۽ انهن جا لوهہ جا گز ٽوڙي ڇڏيندس.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.


جڏهن خداوند جي طرفان يروشلم تي آفت اچي نازل ٿيندي، تڏهن ماروت شهر جا رهاڪو مدد لاءِ سخت انتظار ۾ هوندا.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan