Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 23:11 - Muslim Sindhi Bible

11 خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 23:11
30 Iomraidhean Croise  

تنهن تي هن حام جي پٽ ڪنعان تي لعنت ڪندي چيو تہ ”ڪنعان تي لعنت هجي، شال هو پنهنجي سؤٽن جي غلامن جو بہ غلام ٿئي.


جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


مون لاءِ تون پناهہ جو ٽَڪر ۽ مضبوط قلعو ٿيءُ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي حفاظت منجھہ پيو رهان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين.


موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“


ڇاڪاڻ تہ هر قوم منهنجي ظابطي ۾ آهي، بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجي منصوبن تي عمل پيو ٿئي.


نيل نديءَ جو پاڻي گھٽجي ويندو، بلڪ اها سڪي ٺوٺ ٿي ويندي.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


هاڻي اي ترسيس جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان گھمو ڦرو، جيئن نيل نديءَ جو پاڻي سڄي مصر ۾ وهندو ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تان صور وارن جي روڪ ٽوڪ ختم ٿي ويئي آهي.


تہ جيئن اوهين سڀني قومن سان واپار ڪري سگھو. هنن ٻين قومن سان واپار ڪندي اوهان کي دولتمند بڻائي ڇڏيو آهي. اوهين سيحور مان اناج خريد ڪري اچي وڪرو ٿا ڪريو، جيڪو مصر ۾ پوکيو وڃي ٿو.


تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


پر اُها قتلام کان ڪيئن ٿي رڪجي سگھي، جڏهن تہ مون خداوند ان کي سمنڊ ڪناري فلستي ملڪ تي يعني اسقلون ۽ ٻين شهرن تي حملي جو حڪم ڏنو آهي؟ هائو، مون انهيءَ کي اتي مقرر ڪيو آهي.“


هن وٽ ايترا تہ گھڻا گھوڙا هوندا جو انهن جي سنبن مان اڏامندڙ مٽي تو کي ڍڪي ڇڏيندي. جيئن ماڻهو ڀت ڀڃي شهر ۾ گھڙندا آهن، تيئن هو تنهنجي دروازن مان اندر گھڙي ايندو، ۽ سندس گھوڙي سوارن، گاڏن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جي ڌڌڪي سان تنهنجيون ڀتيون لڏي وينديون.


اهي تنهنجا ڪوٽ ڪيرائي وجھندا، ۽ تنهنجا ٺُلهہ ڊاهي ڇڏيندا. آءٌ تنهنجو باقي بچيل ڍير بہ کڻائي ڇڏيندس، ۽ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.


جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.


خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ ”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين، تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو. آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين ۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“


آءٌ سڀني قومن کي لوڏو ڏيئي شڪست ڏيندس ۽ سندن خزانا هتي يروشلم ۾ آڻي هن هيڪل جي شان وَ شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيندس،


يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو هر هڪ ٿانءُ قادر‌مطلق خداوند جي لاءِ مخصوص ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو قربانيون ڪرڻ لاءِ ايندا سي سڀ اُهي ٿانوَ کڻي انهن ۾ قربانيءَ وارو گوشت رڌيندا پچائيندا. سو انهيءَ ڏينهن قادر‌مطلق خداوند جي گھر ۾ ڪوبہ انهن مخصوص ٿانون جو واپار نہ ڪندو.


پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“


ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan