Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 23:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هاڻي اي ترسيس جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان گھمو ڦرو، جيئن نيل نديءَ جو پاڻي سڄي مصر ۾ وهندو ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تان صور وارن جي روڪ ٽوڪ ختم ٿي ويئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 اي ترسيس جي ڌيءَ، تون نيل نديءَ وانگي پنهنجي زمين مان لنگهي وڃ، اڳتي تنهنجي چوڌاري ڪو بند ٻڌل ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 23:10
11 Iomraidhean Croise  

هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.


خدا ئي آهي جيڪو منهنجي ڪمر تي سندرو ٻڌي ٿو. هو ئي منهنجيءَ راهہ کي محفوظ بڻائي ٿو.


نيل نديءَ جي ڪناري واريون پوکون ۽ چراگاهون ويندي سمنڊ جي ڇوڙ تائين سڀ سڪي سڙي نابود ٿي وينديون.


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو قلعي وارو شهر صور بہ اهڙيءَ طرح ئي برباد ڪيو ويو آهي.


اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.


پياري يروشلم جو سڄو شان وَ شوڪت، ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي. انهيءَ جا اڳواڻ اهڙن هرڻن وانگر ٿي پيا آهن، جن لاءِ ڪوبہ چراگاهہ ڪونہ آهي. سو اهي بک وگھي ايتري قدر پاهہ ٿي پيا آهن، جو شڪارين کان توڙي جو هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ چاهين تہ بہ ڀڄي نہ ٿا سگھن.


پر هاڻي اهو شهر صور تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي، ۽ آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو انهيءَ جي تباهي ڏسي دهشت وچان پيا ڏڪن.


آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.


اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي خدا کان پري هئاسين.


تڏهن سائول سموئيل جي ڳالهين کان ڏاڍو ڊنو ۽ هڪدم زمين تي ڊگھو ٿي ڪري پيو. منجھس ڪابہ طاقت ڪانہ رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ هن سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ماني اصل نہ کاڌي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan