Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9-10 اوهان ڏٺو تہ يروشلم شهر جي ڀتين جا گھڻا حصا ڀڳل هئا. سو اوهان يروشلم جي گھرن جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ انهن مان ڪن گھرن کي ڊاٺو، تان‌تہ شهر جي ڀڳل ڀتين جي مرمت ڪرڻ لاءِ انهن مان پٿر حاصل ڪريو. اوهان هيٺاهين تلاءَ ۾ پاڻي گڏ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ اوهان دائود جي شهر جا ڀڳل ڀاڱا ڏٺا، جي گهڻا هئا: اوهان هيٺئين ڍنڍ جو پاڻي گڏ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 22:9
5 Iomraidhean Croise  

حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن پنهنجي بادشاهيءَ دوران ڪيا، سندس ڪارناما ۽ سوڀون، پاڻيءَ جو تلاءُ ٺهرائڻ ۽ اها سرنگھہ جيڪا هن شهر ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ ٺهرائي، سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


اهو حزقياہ ئي هو جنهن جيحون جي وهندڙ چشمي جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ وهڪري کي سڌو هيٺ لاهي دائود جي شهر جي اولهہ طرف آندائين. حزقياہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ ڪامياب رهيو.


بيت‌سور جي اڌ ضلعي جي حاڪم نحمياہ ولد عزبوق ان جي لاڳيتي حصي جي ويندي دائود واري قبرستان، تلاءَ ۽ باريڪن تائين تعمير ڪرائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan