يسعياہ 22:8 - Muslim Sindhi Bible8 سڄي يهوداہ جو دفاع ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي. اي يروشلم وارؤ! انهيءَ وقت اوهان پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ ڪيو، بلڪ پنهنجي لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جي اسلحہ خاني مان وڃي هٿيار ڪڍيا. Faic an caibideilSindhi Bible8 ۽ هو يهوداہ جو ڍڪ کڻي ويو؛ ۽ انهيءَ ڏينهن تو ٻيلي واري گهر ۾ سلاح خاني تي نگاهہ ڪئي. Faic an caibideil |
هن لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان محل جو هال ٺهرايو جنهن جي ڊيگھہ ڇائيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٽيويهہ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. محل جو هال ديال ڪاٺ جي ٿنڀن جي چئن قطارن تي بيٺل هو ۽ ٿنڀن جي مٿان ديال جا پنجيتاليهہ شهتير رکيل هئا، هر هڪ قطار جي لوُئيِ ۾ پندرهن پندرهن شهتير هئا. هال جي ڇت ديال جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي.