Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 22:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 22:25
15 Iomraidhean Croise  

آءٌ اوڀر جي ڏورانهين ملڪ کان هڪڙي شخص کي سڏيندس، اهو عقاب وانگر لامارو ڏيئي منهنجي منصوبي کي پورو ڪندو. هائو، مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.


تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.


آءٌ خداوند کيس اهڙيءَ طرح قائم ڪندس، جيئن ڪنهن مضبوط جاءِ تي ڪلي کوڙبي آهي. سو الياقيم پنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي لاءِ شان وَ شوڪت جو باعث بڻبو.


اوهين دنيا جي سردارن، بلڪ ڪنهن بہ بني بشر تي ڪو ڀروسو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.


اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان، جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ پري کان کيس گھرايو اٿم. آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.


تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan