يسعياہ 22:16 - Muslim Sindhi Bible16 ”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟ Faic an caibideilSindhi Bible16 تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين! Faic an caibideil |
پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.