Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 21:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هاڻي اِجھو، آءٌ هڪڙو ماڻهو ايندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي گاڏيءَ کي ٻہ گھوڙا ڇڪي رهيا آهن. اهو ماڻهو رڙيون ڪري چوي ٿو تہ ’بابل ڪري پيو آهي، هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معبودن جي سڀني اُڪريل مورتين کي زمين تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 21:9
22 Iomraidhean Croise  

بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.


جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.


کيس چئُہ تہ جڏهن هو ڪن ٻن ٻن ماڻهن کي گڏ ايندي ڏسي، پوءِ ڀلي اهي گھوڙن، گڏهن يا اٺن تي سوار هجن، تڏهن هو انهن سوارن کي نهايت ئي غور سان ڏسي.“


خداوند بابل شهر وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي قوم! تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ، ڇاڪاڻ تہ تون اڳتي بادشاهتن جي راڻي نہ سڏبينءَ.


سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون، يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ، هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون. هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بي‌انداز منترن هوندي بہ تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ.


اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،


آءٌ اوهان جي ندين تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، تہ انهن جو پاڻي سڪي ويندو. آءٌ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪندس جو اوهان جو ملڪ بت‌پرستيءَ وارو ملڪ آهي، ۽ اوهين پنهنجي انهن هيبتناڪ بتن جا ديوانا بڻجي ويا آهيو.


اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.


ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو.


اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ‌سالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.


آءٌ بابل وارن جي مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس، ۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو، سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس. اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.


انهيءَ سبب جو اهو وقت يقيناً اچڻ وارو آهي، جڏهن آءٌ بابل جي بتن کي سزا ڏيندس. بابل جو سڄو ملڪ خوار خراب ٿيندو، ۽ ان جا سمورا ماڻهو ماريا ويندا.


ٻڌو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ خداوند بابل جي بتن کي سزا ڏيندس، ۽ سندن سڄي ملڪ ۾ زخمين جي ڪنجھڪار پئجي ويندي.


پوءِ هي لفظ چئجانءِ تہ ’بابل بہ ائين ئي ٻڏي ويندو ۽ وري نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ تي مصيبت آڻڻ وارو آهي.‘“ يرمياہ نبيءَ جو گفتگو هتي پورو ٿيو.


پر هاڻي اهو پيالو اوچتو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي. پوءِ خداوند ڌارين قومن کي چوندو تہ ”ڀلي اوهين ان جي لاءِ واءِ‌ويلا مچايو ۽ ان جي زخمن لاءِ ملم هٿ ڪريو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.“


هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


پوءِ هڪڙي طاقتور ملائڪ جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan