Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 21:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 21:16
11 Iomraidhean Croise  

هن جو اولاد سندن ڄم جي لحاظ کان ترتيبوار هي آهي: نبايوت، قيدار، ادبئيل، مبسام،


اسماعيل جو اولاد هي هئا: نبايوت، جيڪو سندس پهريتو پٽ هو، پوءِ قيدار، ادبئيل، مبسام،


”ڇا ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي جنگي بيگار نہ آهي؟ ڇا هن جا ڏينهن مزدور جي ڏينهن وانگر نہ آهن؟


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


اي يروشلم جون عورتون! بيشڪ آءٌ رنگ جي سانوري آهيان پر حسين آهيان. هائو، اهڙي سانوري جهڙا قيدار جا بياباني تنبو، پر اهڙي سهڻي جهڙا سليمان جي محل جا پردا.


هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“


اي بيابان ۾ ۽ انهيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ وارؤ! بلند آواز سان سندس واکاڻ ڪريو. اي قيدار قبيلي وارؤ! اي سلع شهر جا رهاڪؤ! اوهين گيت ڳايو ۽ جبلن جي چوٽين تان خوشيءَ جا نعرا هڻو.


قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون، قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون. اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون. بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.


اي منهنجي قوم! اولهہ ۾ قبرص جي ٻيٽن تائين پار وڃي ڏس، اوڀر ۾ قيدار تائين ماڻهو موڪلي جاچ ڪري ڏس، تون جتي بہ ويندينءَ ڪٿي بہ ائين نظر نہ ايندءِ جو


خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.


عرب ۽ قيدار علائقن جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا، ۽ رڍون ۽ ٻڪريون آڻي تو سان واپار ڪندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan