Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 21:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هي پيغام عرب جي خيابان بابت آهي. ڏسو، دداني پناهگيرن جو قافلو عرب جي خيابان ۾ تنبو هنيو ويٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 21:13
14 Iomraidhean Croise  

ڪُوش جي پٽن جا نالا هئا: صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ. رعمہ جي پٽن جا نالا هئا: شبا ۽ ددان.


يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ددان جي اولاد مان اشوري، لطوسي ۽ لومي قومون بڻيون.


ٽيڪس انهيءَ کان علاوہ هئا جيڪي سوداگر ۽ واپاري ڏيندا هئس. سمورا عرب بادشاهہ ۽ اسرائيل ملڪ جا حاڪم بہ سون ڏيندا هئا.


ابراهيم جا سندس سريت قطوراہ مان هي پٽ هئا: زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ. يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا.


ڪُوش جو اولاد صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ هئا. رعمہ جو اولاد شبا ۽ ددان هئا.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“


اي ددان شهر جا رهاڪؤ! موٽو، ڀڄي وڃي غارن ۾ لڪو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان عيسوءَ جي اولاد کي ناس ڪرڻ وارو آهيان، هائو، اوهان کي سزا ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي.


روڊس جي ٻيٽ جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا. ان کان علاوہ سامونڊي ڪناري واريون گھڻيون قومون تنهنجي شين جي بدلي ۾ آبنوس جو ڪاٺ ۽ عاج تو وٽ آڻينديون هيون.


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت شريعت جي غلاميءَ ۾ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan