Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هائو، پنهنجن ئي هٿن جي ڪاريگريءَ آڏو اهي ڪنڌ جھڪائين ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي ذليل وَ خوار ٿا ڪن. سو اي خداوند! تون کين هرگز معاف نہ ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ذليل ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، ۽ وڏو ماڻهو ذليل ٿئي ٿو: تنهن ڪري انهن کي معاف نہ ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 2:9
16 Iomraidhean Croise  

هنن جي بڇڙائيءَ کي نہ بخش، نہ وري هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هو ڀتين ٺاهڻ وارن کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.“


اوهين جيڪي اعليٰ توڙي ادنيٰ آهيو، اوهين جيڪي امير توڙي غريب آهيو، سڀيئي گڏجي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.


اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! اي قادرِمطلق خدا! اُٿ، تون سڀني قومن کان حساب وٺ. تون ڪنهن بہ بدڪار دغاباز تي ڪو قياس نہ ڪر.


سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


گھٽ درجي وارن ماڻهن کي اڃا بہ گھٽايو ويندو، جڏهن تہ وڏي مرتبي وارن کي بلڪل حقير ڪيو ويندو، ۽ مغرورن کي خوار خراب ڪيو ويندو.


بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.


تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.


پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“


سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيو ويندو. اٽلندو اهي ابدي گناهہ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.“


ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن گناهہ ڪيا آهن، جنهن ڪري اهي خدا جي جلوي کان محروم آهن.


ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ ملائڪن جي پوڄا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ زندگي گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان محروم رکي. اهڙو ماڻهو رويائن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي جسماني عقل تي ڦونڊجي ٿو.


اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون عبادت، نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ جسماني خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.


تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ خدا آهي. جيئن تہ هو غيرت وارو خدا آهي، سو هو اوهان جي حڪم‌عدولي ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan