Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 2:3
39 Iomraidhean Croise  

يهودين اهو رواج قائم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري ورتو تہ هو پاڻ، سندن اولاد ۽ اهي جيڪي يهودي بڻيا هئا، تن تي لازم آهي تہ هر سال اهي ٻہ ڏينهن مقرر طريقي سان ۽ مقرر وقت تي عيد ڪري ملهائيندا.


اي خدا! تو ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي منهنجو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي. تو منهنجي حياتيءَ کي بلڪل گھٽائي ڇڏيو آهي.


سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين.


منهنجي واتان تنهنجي واکاڻ ٿيندي رهندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکارين ٿو.


ان وقت آءٌ خوش ٿيو هئس جڏهن مون کي چيو ويو هو تہ ”اچ تہ اسين خداوند جي گھر هلون.“


خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي،


آءٌ اوهان جي مٿان اهڙا ئي حاڪم توڙي مشير مقرر ڪندس، جهڙا مون شروع ۾ مقرر ڪيا هئا. تڏهن يروشلم کي سچار ۽ وفادار شهر ڪري سڏيو ويندو.“


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


انهن ڏينهن ۾ مصر کان اشور تائين اچ وڃ جو رستو کُليل هوندو، سو اشور وارا مصر ۾ ايندا ۽ مصر وارا اشور ڏانهن ويندا. اهي ٻئي قومون گڏجي خداوند جي عبادت ڪنديون.


اهي مون بابت شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ”يسعياہ ڪنهن کي ٿو علم سيکارڻ چاهي؟ هو ڪنهن کي ٿو پيغام سمجھائڻ چاهي؟ ڇا اسين ٻار آهيون جن کان هينئر ئي ٿڃ ڇڏائي ويئي هجي، يا جيڪي ٿڻن کان هن وقت ئي پري ڪيا ويا هجن؟


انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ ’اسين خداوند جا آهيون،‘ ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘ جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’خداوند جو،‘ ۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“


تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر، سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس، ۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو، جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي. هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس، جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.


تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس، ۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس. انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون، بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون، ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“


قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون، ۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


اهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڀني قومن منجھان موٽائي مون خداوند لاءِ هڪ سوکڙيءَ طور آڻيندا. اهي کين منهنجي پاڪ جبل تي يروشلم ۾ گھوڙن تي، گاڏين ۾، ڏولين ۾، خچرن تي ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي اهڙيءَ طرح آڻيندا، جهڙيءَ طرح بني اسرائيل پاڪ ٿانون ۾ پنهنجيون اناج جون قربانيون کڻي منهنجي هيڪل ۾ آڻيندا آهن.


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ’صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو، ۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘


هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن نگهباني ڪندڙ افرائيم جي ٽڪرين تان پڪاري چوندا تہ ’اچو تہ صيئون ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن هلون.‘“


خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون.


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن پيغام نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي روءِزمين تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“


اُهي سمنڊ منجھان دولت حاصل ڪندا، هائو، سمنڊ جي ڪناري تان هو اهو مال ميڙي گڏ ڪندا. سو هو ٻين قبيلن کي پاڻ سان گڏجي خوشيون ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيندا ۽ اچي خدا آڏو قربانيون پيش ڪندا.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهي حڪم ۽ قاعدا قانون هي آهن، جن تي اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪرڻو آهي جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو. اوهان کي انهن جي سيکارڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي،


پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ پيغام يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan