Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 2:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 2:19
41 Iomraidhean Croise  

هائو، اهي همت هاري ڏڪندي ڏڪندي پنهنجن قلعن مان نڪري اچي پيش پيا هئا.


هو ڌرتيءَ کي سندس بنياد کان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀا بہ ڏڪڻ ٿا لڳن.


اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي.


آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“


اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن اهي خداوند جي غضب، ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا. ان وقت انساني غرور کي ٽوڙيو ويندو، ۽ بني آدم جي وڏائيءَ کي برباد ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


هائو، جيڪي دهشت واري آواز کان ڀڄندا، سي کڏ ۾ وڃي ڪرندا. جيڪي کڏ مان نڪري ٻاهر ايندا، سي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا. مطلب تہ اوهان مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ آسمان مان برسات جو وهڪرو اچي نازل ٿيندو، ۽ ڌرتيءَ جا بنياد لوڏيا ويندا.


زمين کي ايڏو تہ سختيءَ سان لوڏيو ويندو، جو اها ڦاٽي پوندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.


خداوند جيئن جيئن لٺ سان انهن کي ڌڪ هڻندو، تيئن تيئن سندس قوم دڦ ۽ سارنگيءَ تي هٿ هڻندي اهي وڄائيندي. خدا پنهنجي زورآور هٿ سان اشورين جي خلاف سخت جنگ وڙهندو.


خداوند غير قومن کي فرمائي ٿو تہ ”هاڻي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس، هائو، هاڻي آءٌ پنهنجو ڪم ڪندس، ۽ پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندس.


اهي ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي ڪڙڪندا ۽ سڪل برساتي نهرن توڙي ٽڪرين جي چرن ۾، ايتري قدر جو سڀني چراگاهن توڙي ڪنڊن ڪانڊيرن تي بہ ڇانئجي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


مون ڏٺو تہ گھوڙي سوارن ۽ تيراندازن جي گوڙ شور تي سڀني شهرن وارا ڀڄندا ٿا وڃن. ڪي گھاٽن جھنگن ۾ گھڙيا ٿا وڃن تہ ڪي ٽڪرين تي چڙهندا ٿا وڃن. سمورن شهرن ۾ سڃ لڳي پيئي آهي. منجھن ڪوبہ رهڻ وارو باقي نہ بچيو آهي.


اي موآب جا رهاڪؤ! شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪرن منجھہ رهو. هائو، انهيءَ ڪبوتر جيان پنهنجي حفاظت ڪريو، جيڪو غار واري پناهہ‌گاهہ ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو آهي.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين جيڪي ويران ٿيل شهرن ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جھنگلي جانورن جي حوالي ڪندس تہ جيئن اهي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏين، جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ رهو ٿا، تن کي آءٌ موتمار بيماريءَ سان ماري ڇڏيندس.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


اهي پنهنجن مضبوط قلعن منجھان مٽيءَ ۾ سرندڙ نانگن ۽ جيتن وانگر ڏڪندي ۽ ڊڄندي ٻاهر نڪري ايندا. هائو، اهي خوف وچان ڏڪندي تو خداوند اسان جي خدا جا اچي تابعدار ٿيندا.


اي نينواہ! تون بہ ڪنهن نشئيءَ جيان سڪتي ۾ اچي ويندين، ۽ پوءِ دشمن جي ڊپ کان پناهہ جون جايون ڳوليندين.


آءٌ قادرِمطلق جلد هڪ دفعو وري زمين وَ آسمان کي ۽ بر وَ بحر کي لوڏي ڇڏيندس.


آءٌ سڀني قومن کي لوڏو ڏيئي شڪست ڏيندس ۽ سندن خزانا هتي يروشلم ۾ آڻي هن هيڪل جي شان وَ شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيندس،


انهيءَ وقت ماڻهو پهاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِري پئو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي پوري ڇڏيو،‘


اهي خداوند عيسيٰ جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.


بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.


پوءِ جڏهن هنن بني اسرائيل جي لشڪر تي حملو ڪيو تڏهن هو گھٻرائجي غارن، گھاٽن جھنگن، ٽڪرين، ڏرن ۽ کڏن ۾ وڃي لڪا.


سو هو ٻئي ڄڻا فلستين جي پهريدارن وٽ ويا ۽ هنن کين ڏٺو. تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، ڪي عبراني انهن ٻِرن مان نڪتا ٿا اچن، جن ۾ وڃي لڪا هئا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan