Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي انهيءَ رويا جو بيان آهي، جيڪا يسعياہ ولد آموص يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ بابت ڏٺي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جيڪو ڪلام يسعياہ بن آموص يهوداہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 2:1
8 Iomraidhean Croise  

هن محل جي منتظم الياقيم، شبناہ شاهي محرر ۽ وڏن ڪاهنن کي کٿا ڍڪائي آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليو.


هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.


يهوداہ جي ٽن بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي بادشاهتن جي دوران خداوند مون ميڪاہ مورشتيءَ کي اسرائيل ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سامريہ ۽ يهوداہ ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ يروشلم وارن بابت هي پيغام ڏنو.


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


هي حبقُوق نبيءَ جي ڏٺل رويا جو بيان آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan